اسلام آباد: (خميس 13 فيبروري 2025ع)سپريم ڪورٽ ۾ نون ججن جي حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ جي ذريعن موجب نون ججن جي حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي جمعي تي ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 6 مستقل ۽ 1 عارضي جج جي حلف برداري تقريب اڄ ٿيڻي هئي پر ججن جي نوٽيفڪيشن ۾ دير سبب حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي وئي.
ذريعن موجب قانون واري وزارت پاران نون ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن گذريل رات دير سان جاري ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language