welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ترڪيہ جي ڪرد جنگجو اڳواڻ عبدالله اوڪلان پاران پنهنجي تنظيم کي ختم ڪرڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان

استنبول: (خميس 27 فيبروري 2025ع)ترڪي ۾ قيد ڪرد جنگجو تنظيم ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) جي اڳواڻ عبدالله اوجلان پنهنجي تنظيم کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، اوڪلان جي اپيل ترڪي سان 40 سالن کان هلندڙ تڪرار جو خاتمو آڻي سگهي ٿي ۽ ان جا خطي ۾ دور رس سياسي ۽ سيڪيورٽي نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڪرد نواز ترڪي پارٽي پيپلز ايڪوئلٽي اينڊ ڊيموڪريسي پارٽي (ڊي اي ايم پارٽي) جي هڪ وفد خميس ڏينهن اوڪلان سان سندس جيل ۾ ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ استنبول ۾ پنهنجو بيان جاري ڪيو. ياد رهي ته عبدالله اوجلان 1999 کان ترڪي جي امرالي جيل ۾ قيد آهي. "مان هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ هن تاريخي ذميواري کي قبول ڪرڻ جي اپيل ڪري رهيو آهيان،" اوڪلان پنهنجي بيان ۾ چيو. ڊي اي ايم پارٽي جي ميمبرن موجب، اوڪلان پنهنجي پارٽي کي هڪ اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ باضابطه طور تي پاڻ کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عرب ميڊيا موجب، ترڪي جي ڊي اي ايم پارٽي جي هڪ ڪانفرنس ۾ ڪردستان ورڪرز پارٽي جي باغي اڳواڻ عبدالله اوجلان سان منسوب هڪ خط پڙهيو ويو. عبدالله اوجلان چيو ته امن هٿيار کڻڻ ۽ جنگ کان وڌيڪ طاقتور آهي. اسان امن ۽ سلامتي جو پيغام موڪلڻ چاهيون ٿا. عبدالله اوڪلان وڌيڪ چيو ته ڪردستان ورڪرز پارٽي ان وقت وجود ۾ آئي جڏهن ڪردن جي وجود کي تسليم نه ڪيو پيو وڃي. چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردستان ورڪرز پارٽي جو قيام ناگزير هو. پنهنجي خط ۾، عبدالله اوجلان چيو ته سڀني هٿياربند گروهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ترڪي ۽ ان جا مغربي اتحادي PKK کي دهشتگرد تنظيم سمجهن ٿا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، 1984ع ۾ پي ڪي ڪي پاران شروع ٿيل ويڙهه ۾ هاڻي تائين 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. شروعات ۾، PKK جو مقصد ڪردن لاءِ هڪ الڳ رياست قائم ڪرڻ هو، پر بعد ۾ ان پنهنجي عليحدگي پسند نظريي کي ڇڏي ڏنو ۽ ڏکڻ اوڀر ترڪي ۾ وڌيڪ خودمختياري ۽ ڪردن جي حقن لاءِ وڙهڻ تي ڌيان ڏنو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے