
ڪراچي:(جمعو 02 آگسٽ 2024ع)موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ سميت ملڪ مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي برسات نئن، ڍنڍن ڍورن ۾ چاڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري موجب، ڇنڇر تي سنڌ، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر بلوچستان، ڪشمير، پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ آنڌاري ۽ گجوڙ کنوڻ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 3 کان 4 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب، مري، گليات، مانسهرا، ڪوهستان، چترال، دير، سوات شانگلا، بونير ڪرم، وزيرستان، ڊيرا اسماعيل خان، اورڪزئي، خيبر، مهمند، نوشهرا، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير مقامي برساتي نئن، نالن ۽ ڊيرا غازي خان جي جابلو علائقن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، خضدار، بارکان، لسٻيلا، زوب، لورالائي، سبي، هرنائي، آواران، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي، جهل مگسي، نصير آباد، موسيٰ خيل، ۽ جعفرآباد ۾ مقامي برساتي ڍنڍن، ڍورن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، شيخوپورا، قصور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، ملتان، ساهيوال، نوشهرا ۽ پشاور جي هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language