ڪراچي:(اڱارو 13 آگسٽ 2024ع)سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني سائن بورڊ لڳائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ، سرڪاري ملڪيتن ۽ عوامي هنڌن تي سائن بورڊز، بينر ۽ اشتهار لڳائڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو
ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڊي ايڇ اي، ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ٻين کي سموري شهر مان سائن بورڊز هٽائڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ چئن هفتن اندر حڪمن تي عملدرآمد ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو
عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته عدالتي حڪمن تي نه عمل ٿيو ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيا ويا، جن به غير قانوني سائن بورڊز لڳايا آهن، انهن خلاف ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي
عدالت چيو ته چئن هفتن اندر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيو ته ڪراچي جي ميئر، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي ويندي
0 تبصرے
Do not use vulgar language