اسلام آباد:(جمعو 02 آگسٽ 2024ع)پارليامينٽ هائوس ٻاهران پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز بک هڙتال ڪيمپ تان لهڻ شروع ڪري ڇڏيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي آزادي لاءِ پارليامينٽ هائوس اڳيان بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي.
پي ٽي آءِ جا ايم اين اي بک هڙتال ڪيمپ مان نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ايم ايل ايز به بک هڙتال ڪيمپ ۾ شرڪت ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري رهيا آهن.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت به بک هڙتال ۾ عدم دلچسپي ڏيکاري رهي آهي ۽ پي ٽي آءِ جو ايم پي اي شاهد خٽڪ رڳو بک هڙتال ۾ موجود هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language