
غزہ:(خميس 08 آگسٽ 2024ع)غزه ۾ صورتحال خراب ٿي وئي، اسرائيلي فورسز 24 ڪلاڪن دوران شهرين ۽ بي گهر فلسطينين تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 24 فلسطيني شهيد ۽ 110 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ديرالبله ۾ اسرائيلي فوج گهرن ۽ خيمن تي حملو ڪري 3 فلسطيني شهيد ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ڪري ڇڏيا، خان يونس ۾ هوائي حملي ۾ 6 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
مختلف علائقن ۾ زميني ۽ فضائي حملن ۾ هڪ عورت سميت 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر 2023ع کان هينئر تائين شهيدن جو انگ 39 هزار 677 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 91 هزار 645 زخمي ٿي چڪا آهن.
ان دوران خان يونس ۾ حماس مجاهدن اسرائيلي فوجي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ القسام برگيڊز حملي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
عرب ميڊيا موجب حماس جي سينيئر اڳواڻ محمد اسماعيل درويش کي قطر جي سياسي آفيس جو عبوري سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، محمد اسماعيل درويش نئين سربراهه جي چونڊ تائين حماس جا انتظامي معاملا سنڀاليندو.
ان کان علاوه فلسطين تي اسرائيل جي جارحيت جي حوالي سان اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس ڪالهه جده ۾ ٿيو، جنهن جي ايجنڊا ۾ اسماعيل هنيه جي شهادت ۽ ايران جي خودمختياري خلاف اسرائيل جي جارحيت شامل هئي.
ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جنگ سڄي خطي کي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي تهران ۾ اسماعيل هنيه جي قتل سان ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي.
اجلاس ۾ پاڪستان، ايران، اردن، بنگلاديش، فلسطين، موريتانيا، مراکش، ڪيمرون ۽ يمن سميت ٻين اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language