welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچ احتجاج ڪندڙن تي تشدد، صحافي محمد حنيف جو احتجاج طور ستارا امتياز جي واپسي جو اعلان

اسلام آباد: (ڇنڇر 23 ڊسمبر 2023ع)صحافي ۽ ليکڪ محمد حنيف وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين تي تشدد خلاف احتجاج طور ستاره امتياز جي واپسي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صحافي محمد حنيف چيو ته هو بلوچ مظاهرين تي تشدد خلاف احتجاج طور ستاره امتياز واپس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نئين نسل کي بنيادي وقار کان محروم ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس بلوچ اتحاد مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ احتجاج ڪندڙ عورتن کي گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ نگران وفاقي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ سمورا تحفظات دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو جنهن بعد گرفتار ٿيل احتجاج ڪندڙ عورتن کي فوري طور تي آزاد ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران بلوچ ساليڊريٽي ڪائونسل پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے