welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو

ڊي آءِ خان: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع) ڊيرا اسماعيل خان ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو ڪيو ويو آهي. ترجمان مولانا فضل الرحمان مفتي ابرار موجب مولانا فضل الرحمان وڏي قافلي سان گڏ پنهنجي پٽ مولانا اسجد جي شادي ۾ وڃي رهيو هو ته قافلي تي يارڪ انٽرچينج تي حملو ڪيو ويو. ترجمان مولانا فضل الرحمان چيو ته قافلي تي ٻن طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي. ترجمان چيو آهي ته ابتدائي اطلاعن موجب مولانا فضل الرحمان حملي ۾ محفوظ آهي. فائرنگ مولانا فضل الرحمان تي نه هئي: پوليس پوليس موجب مولانا فضل الرحمان محفوظ آهي، فائرنگ يارڪ انٽرچينج ٽول پلازه تي ٿي آهي، مولانا فضل الرحمان جي گاڏي پيٽرول ڀرڻ لاءِ روڪي هئي، فائرنگ مولانا فضل الرحمان تي نه ٿي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪئي وڃي: جي يو آءِ ترجمان جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جي قافلي ويجهو فائرنگ بزدلاڻو عمل آهي، هو بار بار خبردار ڪري چڪو آهي ته صورتحال اسان جي قيادت لاءِ سازگار ناهي، انتظاميا کي هر روز ڌمڪين بابت خط لکيا ويا پر ڪو به ايڪشن نه ورتو ويو. وڃ ترجمان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي فوري طور جاچ ڪرائي وڃي، ادارا پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري رهيا آهن. جي يو آءِ جي ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے