welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

غزه لاءِ عالمي سطح تي ”سيز فائر ڪائونٽ ڊائون“ مهم شروع

غزہ: (آچر 31 ڊسمبر 2023ع)سال 2023ع جي پڄاڻيءَ جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ غزه جي مظلوم شهرين لاءِ ”ڪائونٽ ڊائون ٽو سيز فائر“ مهم شروع ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حمايت ڪندڙن نئين سال جي موقعي تي غزه ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته نئين سال جي واحد خواهش غزه ۾ مستقل جنگ بندي آهي. فلسطيني حامي مطالبو ڪيو آهي ته نئين سال جي ڳڻپ کي جنگبندي جي ڳڻپ ۾ تبديل ڪيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا به انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري عالمي عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل طرفان نسل ڪشي جي جاچ ڪري. گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز ڏکڻ آفريڪا جي ان اقدام جي ساراهه ڪئي. ان دوران، بائڊن انتظاميه اسرائيل کي هٿيارن جي وڪرو ۾ 147.5 ملين ڊالر جي منظوري ڏني آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ڪانگريس جي جائزي جي معمولي ضرورت کي نظرانداز ڪندي هٿيارن جي وڪرو جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڊپٽي هيڊ آف مشن فلسطين نادر الترڪ اي آر وائي نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته فلسطين تمام جلد قابض اسرائيل کان آزاد ٿي ويندو. هن چيو ته اسان تمام جلد مسجد اقصيٰ کي اسرائيلي بربريت کان بچائينداسين. الله سائين قائداعظم جا درجات بلند ڪري، هن اسان جي لاءِ آواز بلند ڪيو. قائداعظم جي دور کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني اڳواڻن ۽ عوام اسان لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، مان ان جو شڪر گذار آهيان. هن چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ملڪ فلسطينين لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، دنيا جي عوام جو ٿورائتو آهيان.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے