welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايٿوپيا: ڌماڪي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا، 50 کان وڌيڪ زخمي

آمھارا: (اڱارو 15 آگسٽ 2023ع)ايٿوپيا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽن موجب ايٿوپيا جي اتر اولهه واري علائقي امارا ۾ هڪ ڳوٺ اندر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 50 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايٿوپيا ۾ حڪومتي فوج ۽ مقامي مليشيا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ شدت اچڻ سبب اماارا ۾ 4 آگسٽ کان 6 مهينن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، ايٿوپيا جي انساني حقن واري ڪميشن صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے