راولپنڊي: (آچر 09 اپريل 2023ع) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي علائقن رزمڪ ۽ ڪرما ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهيڙي دوران نائيڪ فضل جانان شهيد ۽ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
ڪراما ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪريون ٿيون، فورسز جي موثر ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخوا جو نائيڪ فضل جانان بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. 32 ورهين جو نائيڪ فضل جانان شهيد هنگو ضلعي سان تعلق رکي ٿو، پنهنجي پسماندگان ۾ بيواهه، 2 پٽ ۽ 3 ڌيئر ڇڏيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language