
اسلام آباد: (اربع 29 مارچ 2023ع) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي آمريت جو بنياد اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري رکيو، سياسي جماعتن خلاف هائبرڊ جنگ ۾ هو به شامل هو، اسان جا ڪجهه اتحادي سندس نالو نه پيا کڻن
پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ڪيو ته ان وقت جي غير جمهوري طاقتن هائبرڊ جنگ شروع ڪري ڏني، جنرل پاشا، ظهير الاسلام ۽ فيض حميد جو ڪردار توهان جي سامهون آهي
هن جو چوڻ هو ته سڀ هليا ويا پر عمران نيازي موجود آهي، هن ڪرڪيٽر کي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ وٺي آئي، اسان جي ادارن ۾ ويٺل ڪجهه آئنسٽائن فيصلا ڪن ٿا، اسٽريٽجڪ اثاثا ٺاهين ٿا جيڪي اسان کي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا
بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو جمهوري ۽ آئيني بحران ڏٺو آهي، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪجهه اسان جي پنهنجن فيصلن جي ڪري آهي، ماڻهو اڳوڻي نالائق وزيراعظم جي ڪري به مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيا آهن
هن وڌيڪ چيو ته اسان ميثاق جمهوريت جي بدولت اين ايف سي ايوارڊ ۽ ڪي پي ڪي کي سڃاڻپ ڏني، جيڪو بحران پيدا ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي، جنرل حميد گل ان سليڪٽڊ کي سياست ۾ آندو ۽ جنرل پاشا پروان چڙهايو، پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، سڀ هلي ويا پر عمران خان مستقل موجود آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language