welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڄ رات چنڊ خانه ڪعبه جي مٿان بلب وانگر روشن ھوندو

جده: (ڇنڇر 04 مارچ 2023ع) هلندڙ سال پهريون ڀيرو چنڊ اڄ شام سڌو ڪعبي جي مٿان هوندو. عرب ميڊيا موجب جده ۾ ايسٽراناميڪل سوسائٽي جي سربراهه انجنيئر ماجد ابو زهره ٻڌايو آهي ته چنڊ مڪي جي آسمان ۾ 89.5 ڊگري کان مٿي نظر ايندو. 2023ع دوران پهريون ۽ آخري ڀيرو چنڊ پاڪستاني وقت موجب 12 لڳي 43 منٽن تي ڪعبي جي مٿان نظر ايندو. انجنيئر ماجد موجب چنڊ 93 سيڪڙو روشن هوندو، ان موقعي تي آسمان ۾ ٻيا روشن ستارا به ڏسي سگهجن ٿا. انجنيئر ماجد جو چوڻ آهي ته ان دوران دنيا جي مختلف علائقن ۾ قبله جي رخ کي آساني سان طئي ڪري سگهجي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے