welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سعودي عرب ۾ به ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو، 2 ڄڻا فوت

رياض : (اڱارو 28 مارچ 2023ع) سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي جڏهن ته 2 ڄڻا فوت به ٿي ويا آهن. اردو نيوز موجب سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته سومر تي ڪورونا وائرس جا 280 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته 2 فوتگيون به ٿيون آهن. ڪورونا وبا جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 8 لک 32 هزار 709 ٿي ويو آهي، وڌيڪ 2 فوتگين جي تصديق کانپوءِ فوتين جو انگ 9 هزار 629 ٿي ويو آهي. صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته رياض ۾ 102، جده ۾ 32، دمام ۾ 15 ۽ طائف ۾ 11 نوان مريض سامهون آيا آهن، جڏهن ته ٻين شهرن مان ڪل 10 ڪيس سامهون آيا آهن. صحت واري وزارت موجب سومر تي ڪورونا جا 123 مريض صحتياب ٿي ويا، هن وقت تائين صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 18 هزار 675 ٿي ويو آهي، نون مريضن مان 68 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. سعودي عرب ۾ ڪورونا ويڪسين مهم جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 69.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين ڏني وئي آهي، جن مان 25 ملين کي سموريون دوائون ڏنيون ويون آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے