اوٽاوا: (اربع 29 مارچ 2023ع) 80 ورهين جي عورت پنهنجي حياتي ۾ 203 يونٽ رت جو عطيو ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.
گينيز ورلڊ رڪارڊ موجب جوزفين مائيڪلڪ نالي هڪ عورت جو تعلق ڪئناڊا سان آهي ۽ هن پنهنجي 80 ورهين جي ڄمار ۾ ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ 203 يونٽ رت جو عطيو ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
گينيز ورلڊ رڪارڊ تفصيلات ٻڌائي ٿو ته رت جي هڪ يونٽ کي صرف رت جي بوتل سڏيو ويندو آهي ۽ رت جي هڪ بوتل 473 ملي ليٽر تي مشتمل آهي.
گينيز ورلڊ رڪارڊ موجب جوزفين مائيڪلڪ 6 ڏهاڪن کان رت جو عطيو ڏئي رهي آهي، جوزفين جو بلڊ گروپ + O آهي جنهن جي هر اسپتال ۾ طلب آهي.
آمريڪي ريڊ ڪراس جي مطابق، آمريڪا جي آبادي جو 37 سيڪڙو اهو بلڊ گروپ آهي.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڀارت جي ماڌورا اشوڪ ڪمار 117 يونٽ رت جو عطيو ڪري قائم ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language