ڪراچي: (ڇنڇر 10 ڊسمبر 2022ع) سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 17هون عالمي ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي، ميلي ۾ 17 ملڪن جا 40 کان وڌيڪ ادارا پنهنجا ڪتاب پيش ڪندا.
تفصيل موجب 5 ڏينهن وارو ڪتابي ميلو 8 ڊسمبر خميس تي ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿيو جيڪو آچر 12 ڊسمبر 2022 تائين جاري رهندو.
ڪتابي ميلي ۾ 330 ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جن ۾ مقامي ۽ عالمي ليکڪن جا ڪتاب رکيا ويا آهن، ميلي ۾ 17 ملڪن جا 40 ادارا پنهنجا ڪتاب پيش ڪندا.
ڪتاب ميلي ۾ ڪتاب 60 کان 70 سيڪڙو رعايت تي دستياب هوندا.
منتظمين جو چوڻ آهي ته هن سال ٿيندڙ ڪتابي ميلي ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي، جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جا شهري به شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language