welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه هڪ سال جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا

نيويارڪ : ( خميس 08 ڊسمبر 2022ع ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جا اگهه هڪ سال جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا. آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ اڍائي ڊالر جي گهٽتائي ٿي وئي. آمريڪي ڊبليو ٽي آءِ خام تيل جو اگهه 2.50 ڊالر گهٽتائي سان 71.85 ڊالر في بيرل جڏهن ته برطانوي برنٽ خام تيل جو اگهه 2.26 ڊالر گهٽتائي سان 77.24 ڊالر في بيرل ٿي ويو. آمريڪي خام تيل جي ذخيرن ۾ غير متوقع واڌ سبب مارڪيٽ گر ٿي. آمريڪا 2.2 ملين بيرل بدران 6.2 ملين بيرل تيل جاري ڪيو جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. سون جو في اونس اگهه 17.40 ڊالر وڌي 1800 ڊالر، چاندي جو في اونس اگهه 57 سينٽ وڌي 22.90 ڊالر رهيو. ٻئي طرف ملائيشيا پام آئل جي في تول قيمت 2.27 ڊالر گهٽتائي سان 887.9 ڊالر ٿي وئي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے