welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گڏيل عرب امارتن، ترڪي ۽ ايران عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت

دبئي/ تهران: ( جمعو 04 نومبر 2022ع ) گڏيل عرب امارات، ترڪي ۽ ايران لانگ مارچ دوران اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم ۽ ٻين جي جلد صحتيابي لاءِ الله تعاليٰ کان دعا آهي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان تي حملو قابل مذمت ۽ افسوس جوڳو آهي. ايراني سفير فائرنگ حادثي ۾ زخمي ٿيل عمران خان ۽ ٻين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. UAE متحده عرب امارات اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ يو اي اي جي سفارتخاني ٽوئيٽ ڪيو ته يو اي اي تشدد ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي. ترڪي ترڪ پرڏيهي معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل لکت بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سياسي جلوس دوران ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم کي نشانو بڻايو ويو. هڪ شخص مارجي ويو، اسان ان حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ مارجي ويو بيان موجب اسان ان حملي ۾ مارجي ويل پاڪستاني ڀاءُ جي لاءِ الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مغفرت ۽ خان ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. اسان پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جو قدر ڪريون ٿا ۽ هميشه پاڪستان جي حمايت جاري رکنداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے