welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان مٿان فائرنگ ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي

لاهور: (جمعو 04 نومبر 2022ع) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدار نويد جي نشاندهي تي وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن وقاص ۽ ساجد بٽ جوابدار نويد کي پستول ڏنو هو. ذريعن موجب جوابدارن وقاص ۽ ساجد بٽ کي وزيرآباد مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن 20 هزار روپين جي عيوض نويد کي پستول ۽ گوليون وڪيو ڪيون. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته جنهن پستول سان عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو اهو بنا نمبر ۽ لائسنس جي هو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيرآباد ۾ عمران خان تي ٿيندڙ قاتلاڻي حملي ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سميت 13 ڄڻا زخمي جڏهن ته هڪ ڄڻو مارجي ويو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے