ڪراچي: اربع 03 آگسٽ 2022ع : سنڌ حڪومت پابندي مڙهيل پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي تياري ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ماحولياتي آلودگي جو هڪ سبب آهن ۽ برساتي نالن کي بلاڪ ڪرڻ جو به هڪ سبب آهن.
ان موقعي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته ضلعي انتظاميا، پوليس، ڪي ايم سي پلاسٽڪ جا ٿيلها ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ ميڊيا ذريعي عوام ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي نقصان بابت مهم هلائي ويندي. .
هن هدايت ڪئي ته پابندي مڙهيل پلاسٽڪ جا ٿيلها ٺاهيندڙ فيڪٽرين کي سيل ڪيو وڃي ۽ ان جي استعمال تي قلم 144 لاڳو ڪيو وڃي.
اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري گهرو، ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language