هوسٽن: اڱارو 30 آگسٽ 2022ع : آمريڪا ۾ 4 هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ هڪ حملي آور سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
تفصيل موجب آمريڪا ۾ هٿيارن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڪوششن وچ ۾ مختلف رياستن ۾ فائرنگ جا وحشي واقعا جاري آهن.
گذريل ڏينهن آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ چار مختلف واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 8 شهري مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
آمريڪي رياست ٽيڪساس جي سڀ کان وڏي شهر هوسٽن ۾ هٿياربندن وحشياڻو تشدد ڪيو، پهريان ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ پوءِ خوف وچان ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.

باهه لڳڻ واري گهر مان نڪرندڙن مٿان گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته موقعي تي پهچي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ به مارجي ويو.
مشي گن جي شهر ڊيٽرائٽ ۾ ڪار ۾ سوار هٿياربندن بنا سبب پيادل ماڻهن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
انڊيانا جي شهر انڊياناپولس ۾ هڪ هوٽل جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ ڊچ سپاهي مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، انهن ٽن ڊچ سپاهين مان هڪ آهي جيڪي فوجي مشقن لاءِ آمريڪا ۾ هئا.
ان دوران واشنگٽن ۾ فٽبال رانديگر برائن رابنسن کي نامعلوم شخص ڪار چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته فٽبال رانديگر کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گوليون لڳيون، پر هاڻي سندس حالت بهتر آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language