welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ ڪراچي کي وڏو ڌڪ، اهم اڳواڻ جا ڪاغذ رد

ڪراچي : آچر 19 جون 2022ع : سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي وڏو ڌڪ لڳو. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. فردوس شميم نقوي کي جمشيد ٽائون ۾ ڪاغذ جمع ڪرائڻا هئا پر هن جناح ٽائون ۾ ڪاغذ جمع ڪرايا. تفصيل موجب سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 25 جولاءِ تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ پولنگ ٿيندي، سياسي ۽ مذهبي پارٽيون پنهنجا اميدوار فائنل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ به چونڊن جي پهرئين ۽ ٻئي مرحلي ۾ پنهنجي سياسي حریفن کي ڀرپور طاقت سان وڙهڻ لاءِ اميدوارن جي چونڊ ڪري رهي آهي. ڪراچي ۾ اهم مقابلو ٿيندو جنهن لاءِ پي ٽي آءِ ڪراچي جي ميئر جي عهدي لاءِ 4 اميدوار بيهاريا آهن، جن ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي جو صدر بلال غفار، خرم شيرزمان، فردوس شميم نقوي ۽ اشرف جبار قريشي شامل آهن. چيئرمين عمران خان ڪراچي جي ميئر جي اميدوار جي حتمي نالي جو اعلان ڪندو. ياد رهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 26 جون تي سکر، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ چونڊون ٿينديون. سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 14 ضلعن مان 946 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن، لاڙڪاڻي مان 94، لاڙڪاڻي مان 11، ميرپورخاص مان 65 ۽ عمرڪوٽ مان 65 اميدوار بنا مقابلي چونڊيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے