اسلام آباد : آچر 19 جون 2022ع : پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي شبير قريشي جي گرفتاري ۽ لاهور ۾ پارٽي اميدوار جي آفيس تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
تفصيل موجب عمران خان علي زيدي ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي فون ڪري ايم پي اي شبير قريشي جي گرفتاري بابت تفصيل طلب ڪيا. عمران خان سنڌ ۾ پوليس جي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور مان مقامي اڳواڻ خالد گجر کي فون ڪري ن ليگي غنڊن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل خالد گجر کان سندس پٽ جي عيادت ڪئي.
عمران خان چيو ته فاشسٽ حڪومتون سنڌ ۽ پنجاب ۾ بدمعاشي کي فروغ ڏئي رهيون آهن، هڪ مهذب ملڪ ۾ پوليس جي اهڙي عمل جي ڪا به گنجائش ناهي.
هن چيو ته حڪومت عوامي حمايت کان خوفزده آهي، حقيقي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ فاشسٽ ڪلچر مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language