welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گهوٽڪي پوليس طرفان پنجاب واسي ٻن عورتن سوڌو ٽن ڄڻن کي اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ

رائونتي: جمعو 24 جون 2022ع : گهوٽڪي پوليس پنجاب واسي ٻن عورتن سوڌو ٽن ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پوليس موجب 2عورتون ۽ هڪ همراهه راونتي جي ڪچي ۾ وڃي رهيا هئا ته کين روڪي ورتو پوليس ٻڌايو ته اغوا کان بچي ويلن ۾ احمد دين سميجو، ڪرن ۽ ڪوثر شامل آهن،، کين اغوا ڪرڻ جي انتظار ۾ ويٺل ڌاڙيل پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا بچي ويل احمد دين سميجو چيو ته فون تي هڪ ماڻهو سان دوستي ٿي هئي، جنهن کيس ڪٽنب سوڌو ڪچي ۾ شادي جي دعوت تي گهرايو هو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے