welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلوچستان ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن ميدان ۾ ماري ورتو

ڪوئيٽا: (آچر 29 مئي 2022ع) بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن ۾ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل. پولنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين مليل نتيجن ۾ آزاد اميدوار 148 سيٽن سان اڳتي آهن غير سرڪاري نتيجن موجب جي يو آءِ ف 98 سيٽن سان ٻئين ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 88 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. اهڙي طرح بلوچستان عوامي پارٽي 68 سيٽن سان چوٿين ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي 32 سيٽن سان پنجين نمبر تي آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن بلوچستان ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ تي بلوچستان حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهي ٿو، بلوچستان ۾ ڪامياب مڪاني چونڊون جمهوريت لاءِ سٺو شگون آهن، پنجاب ۽ سنڌ به مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پرعزم آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے