welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اُميدوار آفر آرڊرز نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج

ڪراچي:(سومر 30 مئي 2022ع) تعليم کاتي ۾ ڀرتين لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اُميدوار آفر آرڊرز نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن مختلف علائقن کان ڪراچي پهتل اُميدوارن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مظاهرين سي ايم هائوس ڏانهن وڃڻ جو پڻ اعلان ڪيو اُميدوارن جو چوڻ آهي ته سال 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، تعليم کاتي عدالتي حڪمن کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو هنن چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40 کان گهٽ مارڪس کڻندڙ اُميدوارن کي آفر ليٽرز ملن ٿا، پر اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 60 مارڪس کڻندڙن نظرانداز ڪيو ويو آهي اُميدوارن آفر ليٽرز نه ملڻ جي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے