welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي جاچ جي لاءِ ٿاڻي ۾ طلب نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: (جمعو 08 اپريل 2022ع) سنڌ ھاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي ۾ طلب نھ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابي متعلق درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ عدالت گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي اٿڻي طلب ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي عدالت چيو تھ گم ٿيل مڻھن بابت تحقيقات جي لاءِ جاچ آفيسر وارثن وٽ وڃي ۽ اڳتي ڪنھن فيملي کي ٿاڻي تي طلب نھ ڪيو وڃي جسٽس اقبال ڪلھوڙو جو چوڻ ھو تھ جنھن بھ جاچ ۽ اڳڀرائي کان آگاھ ڪرڻو آھي اھو پاڻ وارثن وٽ وڃي، ماڻھو گم ٿيڻ سان فيمليز اڳ ئي پريشان ھونديون آھن ۽ انھن کي وري بار بار طلب ڪيو ويندو آھي عدالت گھرو کاتي کي گم ٿيل ماڻھن جي وارثن کي ٿاڻي ۾ طلب نھ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌڻي ھڪ مھيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے