
اسلام آباد: ( اڱارو 01 فيبروري 2022ع) پاڪستان جي ایوان بالا (سينيٽ) پارلياماني نظام حڪومت جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
سينيٽ ۾ پارلياماني نظام جي حمايت ۾ ٺهراءُ اپوزيشن سينيٽرن رضا رباني، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، شفيق ترين، اعظم نذير تارڙ، سينيٽر مشتاق احمد، مولانا غفور حيدري، طاهر بزنجو ۽ حاجي هدايت الله خان پيش ڪيو.
اپوزيشن سينٽرن پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو ته وفاقي پارلياماني نظام کي ناڪام ثابت ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۾ منظم مهم هلائي پئي وڃي.
قرارداد ۾ چيو ويو ته قائداعظم وفاقي پارلياماني طرز حڪومت جو تصور پيش ڪيو هو، پارلياماني طرز حڪومت لاءِ عوام انتھائي محنت ڪئي، صدارتي حڪومت کان ون يونٽ واري طرز حڪومت قائم ڪئي ويندي، جنهن لاءِ 1973ع جي. آئين کي ٻيهر ٺاهڻو پوندو.
قرارداد جي متن موجب نئين آئين تي اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ ناممڪن هوندو.
قرارداد ۾ چيو ويو ته سينيٽ پارلياماني نظام حڪومت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪنهن به قسم جي حڪومت جا وفاق لاءِ تباهه ڪندڙ نتيجا نڪرندا.
جمهوريت جي دنيا ۾ صدارتي ۽ پارلياماني نظام رائج آهن، قرارداد تي حڪومت جو موقف آهي
ٻئي طرف قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو آهي ته اسان جو موقف آهي ته پاڪستان جو آئين اتفاق راءِ جو دستاويز آهي، حڪومت جو صدارتي نظام تي بحث سان ڪو به تعلق ناهي.
هن چيو ته جعلي خبرن ذريعي مونجهاري جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، دنيا ۾ جمهوريتن ۾ صدارتي ۽ پارلياماني نظام رائج آهي، هڪ يا ٻيو نظام ڪامياب ٿيندو آهي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان جو آئين پاڪستان ۾ اتفاق راءِ جو دستاويز آهي، جنهن ذريعي پارلياماني نظام هلي رهيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language