ڪراچي : ( اڱارو 01 فيبروري 2022ع) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن جي ستين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
175 رنسن جي تعاقب ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 20 هين اوور ۾ 168 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ملتان سلطانز 6 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي ملتان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ملتان سلطانز مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون، شان مسعود 88 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
ملتان سلطانز جي اننگز

ملتان سلطانز جي اننگز جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ڪپتان محمد رضوان بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
هڪ وڪيٽ وڃائڻ کانپوءِ شان مسعود ۽ صهيب مقصود 50 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي پر 62 جي مجموعي اسڪور تي صهيب 21 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ملتان کي ٽيون نقصان رلي روسو جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پيو، هن به 21 رنسون ٺاهيون پر شان ٻئي انڊ تان بهترين بيٽنگ جاري رکي پر هو به 88 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ان کان علاوه ٽم ڊيوڊ 28 ۽ خوشدل شاهه 8 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
ڪوئيٽا طرفان محمد حسنين 2 وڪيٽون ورتيون.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي اننگز
175 رنسن کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 20 هين اوور ۾ 168 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
175 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ڪوئيٽا جي شروعات شاندار نه رهي.
ڪوئيٽا کي ٻيو نقصان اوپنر احسان علي جي صورت ۾ ٿيو، جنهن 24 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بين به 47 رنسون ٺاهي ٽيم کي آئوٽ ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته آخري اوور ۾ افتخار احمد ۽ جيمز فاڪنر ڪجهه مزاحمت ڪئي ۽ تيز رنسون ٺاهيون پر اهي به پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيا.
افتخار احمد 13 بالن تي 30 ۽ فاڪنر 12 بالن تي 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
آخري اوور ۾ ڪوئيٽا کي فتح لاءِ 8 رنسون گهربل هيون جڏهن ته ان جي صرف هڪ وڪيٽ هئي.
جڏهن ته ڊيوڊ ولي آخري اوور جي پنجين بال تي نسيم شاهه کي بولڊ ڪري ٽيم کي 6 رنسن تان ڪاميابي ڏياري.
ملتان سلطانز طرفان خوشدل شاهه، ڊيوڊ ولي ۽ عمران طاهر 3،3 وڪيٽون ورتيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language