welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد عدالت پاران نينگر مبينا قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور

حيدرآباد : (سومر 20 ڊسمبر2021ع) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نينگر کي مبينا قتل ڪري سندس لاش گٽر نالي ۾ ڦٽو ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج محمد احسان خان دراني جي عدالت جوابدار امام الدين عرف لعل مگسي کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو 7 جولاءِ 2021ع تي نسيم نگر پوليس جوابدار خلاف عبدالرسول چانڊيو جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو هو ته 22 اپريل تي 8 سالن جي علي گوهر چانڊيو کي جوابدار امام الدين، وزير مگسي ۽ يامين اوڏ مبينا طور قتل ڪري سندس لاش گٽر نالي ۾ اڇلايو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار امام الدين عرف لعل مگسي کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي عدالت ضمانت منظور ڪئي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے