پشاور : (سومر 20 ڊسمبر2021ع) غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پشاور جي ميئر جي لاءِ جي يو آءِ (ف) جو زبير علي 24 هزار ۽ 80 ووٽ کڻي سوڀارو ٿي ويو آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو رضوان بنگش، 21 هزار 48 ووٽ ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
بنون ۾ به ميئر جي اليڪشن ۾ جي يو آءِ (ف) ڪامياب حاصل ڪئي آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار ارفان الله 37 هزارن کان وڌيڪ ووٽن سان اڳتي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو اقبال جدون 24 هزار ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
ڪوهاٽ ۾ سٽي ميئر جي اليڪشن ۾ جي يو آءِ (ف) اڳيان آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جي يو آءِ جو اميدوار شير زمان 19 هزار ووٽن سان پهرين نمبر تي جڏهن ته آزاد اميدوار شفيع الله 18 هزار ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.
مردان ۾ سٽي ميئر جي چونڊن ۾ اي اين پي کي واضع برتري حاصل آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار حمايت الله 27 هزارن کان وڌيڪ ووٽ کڻي سڀ کان اڳيان آهي. جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جو اميودار امانت شاهه 18 هزار ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language