welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

موغاديشو:(اڱارو 02 سيپٽمبر 2025ع)سوڊان ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب گهٽ ۾ گهٽ 1,000 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، اهو واقعو مغربي سوڊان جي مارا جبلن ۾ پيش آيو، جتي تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ ٿي. ان حوالي سان، سوڊان لبريشن موومينٽ چيو آهي ته علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان تيز برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري لينڊ سلائيڊنگ ٿي ۽ تاراسين ڳوٺ جو گهڻو حصو متاثر ٿيو. سوڊان لبريشن موومينٽ جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب، ڳوٺ ۾ رهندڙ گهٽ ۾ گهٽ 1,000 ماڻهو بدقسمتي سان لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته صرف هڪ شهري جي بچڻ جي خبر آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، سوڊان لبريشن موومينٽ گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي امدادي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فوت ٿيلن جي لاشن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪن. سوڊان لبريشن موومينٽ جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب، ڳوٺ ۾ رهندڙ گهٽ ۾ گهٽ 1,000 ماڻهو بدقسمتي سان لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته صرف هڪ شهري جي بچڻ جي خبر آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، سوڊان لبريشن موومينٽ گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي امدادي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فوت ٿيلن جي لاشن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے