welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

شهري خطرناڪ عمارتون فوري طور تي خالي ڪرڻ سان گڏ اختيارين سان تعاون ڪن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شهري خطرناڪ عمارتون فوري طور تي خالي ڪري ڇڏين ۽ انهي سلسلي ۾ اختيارين سان به تعاون ڪن. سنڌ حڪومت سانوڻي برسات دوران عوام جي جان، مال جي تحفظ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ انهي حوالي سان بلدياتي ادارن جي عملي جون موڪلون ملتوي ڪيون ويون آهن. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرز ۽ بلدياتي ادارن جي چيئرمينن کي هدايت ڏني وئي آهي ته برسات جو پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن. هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڊي وائرنگ پمپس جي دستيابي هر صورت ۾ يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. بلدياتي ادارن جي عملي جون موڪلون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ انهن جي 24 ڪلاڪ موجودگي لازمي قرار ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا ۾ 59 خطرناڪ عمارتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، 10 عمارتون قومي ورثو قرار ڏنيون ويون آهن. اسٽرڪلچرل انجنيئرز تي ٻڌل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيڪنيڪي ڪميٽي سموري شهر ۾ مسلسل سروي ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد اهڙن عمارتن جو وائزو وٺڻ آهي جيڪي شهرين جي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون. شرجيل ميمڻ چيو ته انساني حياتين جو تحفظ يقيني بنائڻ جي لاءِ هينئر تائين 61 انتهائي خطرناڪ عمارتن کي خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو آهي. امڪاني برساتن کي آڏو رکندي ايس پي سي اي ۾ هڪ رين ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ فعال آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي جي سلامتي کي اوليتن ترجيح ڏئي رهي آهي، سانوڻي جي دوران ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. شهري خطرناڪ عمارتون فوري طور تي خالي ڪن ۽ اختيارين سان تعاون ڪن ته جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے