welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ارمغان پاران مصطفيٰ جي گاڏي کي باهه ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف: چالان پڻ منظور

ڪراچي:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي منتظم جج مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جو چالان منظور ڪندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 16 ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، چالان ۾ چيو ويو آهي ته مک جوابدار ارمغان مصطفيٰ عامر تي تشدد ذريعي زخمي ڪرڻ ۽ گاڏي کي باهه ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب مصطفيٰ عامر جي اغوا جو ڪيس مقتول جي ماءُ جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو هو، انهي ڪيس ۾ پوليس 2 جوابدارن ارمغان ۽ شيراز کي گرفتار ڪيو هو، ياد رهي ته مصطفيٰ امير کي 6 جنوري تي اغوا ڪيو ويو هو، هڪ مهيني بعد 8 فيبروري تي پوليس کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس جي خيابان مومن ۾ هڪ بنگلي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران بنگلي مان پوليس تي به فائرنگ ڪئي وئي، پوليس مقابلي ۾ ڊي ايس پي سميت 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس مک جوابدار ارمغان کي حراست ۾ ورتو هو، جنهن پڇاڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو ته هن شيراز سان گڏجي مصطفيٰ کي پنهنجي ڪار جي ڊگي ۾ وجهي، حب چوڪي وٽ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے