
حیدرآباد:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، برسات سبب سخت گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي ويو، حيدرآباد ۾ صبح 5 وڳي کان شهر جي مختلف هندن تي ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات پئي، برسات سبب اسٽيشن روڊ ، قدم گاھ، وحدت ڪالوني، مڪي شاھ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو.
حيدرآباد ۾ برسات شروع ٿيندي ئي حيسڪو سڄي شهر جي لائيٽ بند ڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ 20 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آھي، حيدرآباد م پمپنگ اسٽيشن اسٽارٽ آھن پاڻي جي نيڪالي وارو عمل جاري آھي، جڏھن ته حيدرآباد جون مين شاهراهن تي موٽرون لڳائي پاڻي ڪڍيو پيو وڃي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به صبح سوير ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي جنهن سبب شهر ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي. رپورٽ موجب آءِ آءِ چندريگر روڊ، ايئر پورٽ، ملير، گلستان جوهر، اسڪيم 33، گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي ۽ نيو ڪراچي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي.
انهي کان علاوه، سکر، حيدرآباد، مٽياري، بدين، هالا ٽنڊو باگو، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار ۾ به سانوڻي جي برسات جا وسڪارا جاري آهن برسات سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي جڏهن ته بجلي جي فراهمي به معطل آهي.
نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جي تيز وسڪاري سبب شهر جي اهم روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي. جنهن سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻانڌي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ به رات دير سان تيز برسات پئي جيڪا صبح کان وٺي وقفي وقفي سان جاري آهي، برسات سبب ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري سخت گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. وڳڻ ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ به رات کان وٺي وقفي وقفي سان برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. رات 12 وڳي کان پيل برسات جو سلسلو صبح تائين وقفي وقفي سان جاري آهي.
مورو ۾ به سانوڻي جي برساتن بعد ٿڌڙين هوائن جو سلسلو جاري آهي جنهن کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ مورو ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ماڻهن مورو پل جو رخ ڪري ڇڏيو جڏهن ته نوجوان درياءَ ۾ وهنجندي ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي به نظر اچي رهيا آهن. دوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهري ۽ واپاري طبقو پريشانين جي ور چڙهيل آهي.
خيرپورناٿن شاهه ۾ به گذريل رات کان برسات جو سلسلو جاري آهي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته برسات بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿيل آهي. برسات دوران شهر جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب شهرين کي آمد رفت ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن.
دوداپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به تيز هوا سان تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڀرپاسي وارن علائقن ۾ دوداپور، جيڪب آباد، دائور جهانپور، حسين آباد، ميرانپور، وڏا بوسڻ سميت مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، برسات دوران ساريالي فصل کي به ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language