welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اهم اجلاس: نوازشريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز مري پهچي ويا

مري:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)مسلم ليگ(ن) جي اهم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارٽي سربراهه نوازشريف، وزيراعظم شهبازشريف ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز مري پهچي ويا آهن. ذريعن موجب پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي قيادت جو اهم اجلاس اڄ مري ۾ ٿيندو، جنهن جي لاءِ وزيراعظم شهبازشريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، ۽ صدر مسلم ليگ(ن) نوازشريف مري پهچي ويا آهن. (ن) ليگ جي مرڪزي قيادت جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويندا. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي جڏهن ته مريم نواز پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ نوازشريف کي آگاهه ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهم اجلاس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪيل قدمن جي نتيجن تي به غور ڪيو ويندو. انهي کان علاوه تازي برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال جو به تفصيلي جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) کي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي حوالي سان به اهم فيصلا ڪيا ويندا. پارٽي سربراهه نوازشريف، عوامي مسئلن جي حل، بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سميت ٻين اهم معاملن تي پنهنجي نقطه نظر کان آگاهه ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے