welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان

ڪراچي:(سومر 14 جولاءِ 2025ع)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي طور تي ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، صبح ۽ رات ڪجهه هنڌن تي بونداباندي ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي، شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. چڪ ۽ ان آس پاس ۾ به صبح سوير ھلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو جنھن سان موسم خوشگوار بڻجي وئي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه، اڄ ملڪ جي مختلف حصن ۾ مينهن جو امڪان آهي. اڄ اسلام آباد، سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هلڪي برسات شهر ۽ ان جي آس پاس ۾ موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته پتوڪي شهر ۽ ان جي آس پاس ۾ ٿڌين هوائن سان وقفي وقفي سان مينهن جو سلسلو جاري آهي. برسات سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، جنهن ڪري بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ان کان علاوه، پاڪپتن ۾ وقفي وقفي سان مينهن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے