اسلام آباد:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي سزائون شروع ٿي ويون آهن.
عليمه خان اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باني جا پٽ سليمان ۽ قاسم پاڪستان اچي رهيا آهن، باني جا پٽ ڌمڪين کان نه ڊڄندا، باني سڀني کي متحد ٿيڻ ۽ تحريڪ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته باني کي هڪ مهيني کان قيد تنہائي ۾ رکيو ويو آهي، اخبارون ۽ ٽي وي پڻ بند ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language