بلڙي شاه ڪريم:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ڏتا واھ ڀرسان حادثي ۾ جھمپير واسي 40 ورهين جو ڀيمون پٽ ڪونجھو ميگھواڙ فوت ٿي ويو.
ڀيمون ميگھواڙ مڱڻي جي رسم واري ڄڃ سان گڏ جھمپير کان ميرپوربٺورو وڃي رھيو ھو ته بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان پيٽرول پمپ تان ڄڃ واري بس ۾ پيٽرول وجھائڻ وقت بس پويان ريوس دوران ڀيمون ميگھواڙ مٿان چڙھي وئي جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
مڱڻي واريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.
جڏھن ته رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم مان ضروري ڪاروائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language