
ڪراچي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)سنڌ حڪومت پاران مختيارڪارن کي اسسٽنٽ ڪمشنر طور ڏنل ترقيون رولڙي جو شڪار بڻيل، ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ترقي ماڻيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي پروموشن جي لسٽ ۽ ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو، سنڌ جي مختيارڪارن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل، سندن پاران طوفان ۽ برساتن جي ايمرجنسي، روينيو ريڪوري، ايم سڪس موٽروي ترقياتي منصوبي، سنڌ پيپلز ھائوسنگ فلڊ اسڪيم( ايس پي ايڇ ايف) تحت مالڪاڻا حقوق ۽ مختيارڪار آفيسن جي وھنوار سميت پوليو ڊيوٽيز جي بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آھي.
ان سلسلي ۾ باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي تہ سنڌ جي مختيارڪارن جي ترقين لاءِ ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھ پاران ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ٽيون ڀيرو 18 جون 2025 تي ڪامياب ٿيو. سوا مھينو گذرڻ باجود چيف سيڪريٽري سنڌ پاران مختيارڪارن کي ترقيون ڏيڻ جي ڪا به لسٽ ۽ ترقي جو نوٽيفڪيشن باضابطا جاري نه ڪيو ويو آھي سنڌ جي مختيارڪارن کي ترقيون نه ملڻ تي ڳڻتي جي لھر ڇانيل آھي ۽ من پسند جونيئر مختيارڪارن کي نوازڻ لاءِ ميرٽ جي لتاڙ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي. مختيارڪارن کي ترقيون نه ملڻ ڪري صدمي ۾ مختيارڪار عبدالحميد نوھڙيو ۽ غلام شبير سھتو فوت ٿي ويا. ترقي جو انتظار ڪندي ڪندي 3 مختيارڪار محمد موسا ميمڻ، محمد ياسين پنھور ۽ ذوالفقار چانڊيو رٽائرڊ ٿي ويا.
واضح رھي ته سنڌ ۾ 70 کان مٿي اسسٽنٽ ڪمشنرن جون ٽن سالن کان جايون خالي پيل آھن. مختيارڪارن کي ترقين بابت 4 فيبروري 2025 تي سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي طرفان اھڙو حڪم نامو پڻ جاري ٿيل ھو. چيف سيڪريٽري پاران اڃا تائين عدالتي حڪم تي عملدرآمد نہ ڪري سگھيو آھي. سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪم جي به سنڱين خلاف ورزي ڪندي سياسي سفارشي ۽ من پسند 30 کان مٿي اسسٽنٽ مختيارڪارن کي ايڪٽنگ مختيارڪارن جون چارجون ڏئي سنڌ جي مختلف تعلقن تي مقرر ڪيو ويو آھي جنھن خلاف ڊائريڪٽي مختيارڪارن اھڙي درخواست سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو حيدرآباد کي ٻه جون 2025 تي ڏني وئي آھي درخواست تي عملدرآمد نه ٿي سگھيو آھي.
مختيارڪارن جي ترقين ۽ پوسٽنگ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ سميت ٻيا مطالبا تسليم نه ٿيڻ تي طوفان ۽ برساتن جي ايمرجنسي، روينيو ريڪوري، ايم سڪس موٽروي ترقياتي منصوبي، سنڌ پيپلز ھائوسنگ فلڊ اسڪيم( ايس پي ايڇ ايف) تحت مالڪاڻا حقوق ۽ مختيارڪار آفيسن جي وھنوار سميت پوليو ڊيوٽيز جي بائيڪاٽ لاءِ اجلاس سڏائي سخت لاعمل ڏيڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language