welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چيمبرز ۽ واپاري تنظيمون اڄوڪي هڙتال جي معاملي تي ورهائجي ويون، اسلام آباد کان سواءِ سموري ملڪ ۾ جزوي، مڪمل شٽربند هڙتال

اسلام آباد:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)چيمبرز ۽ واپاري تنظيمون اڄوڪي هڙتال جي معاملي تي ورهائجي ويون آهن. اسلام آباد، ڪراچي، لاهور جي واپارين جي سڏ تي هڙتال جي معاملي ۾ اڄ اسلام آباد کان سواءِ سموري ملڪ ۾ جزوي ۽ مڪمل هڙتال جو سلسلو جاري آهي. رپورٽ موجب ايف بي آر کي ڏنل اضافي اختيارن جي خلاف هڙتال جي سڏ تي واپاري برادري ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، جنهن کان پوءِ اڄ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪاروبار زندگي معمول موجب جاري آهي، سموريون وڏيون مارڪيٽون ۽ اسٽورز مڪمل طور تي کليل آهن. ٻئي طرف ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري جزوي، مڪمل طور تي بند آهي. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر جاويد بلواني چيو آهي ته اڄوڪي هڙتال جي فيصلي تي قائم آهيون. حڪومت اسان کي لکت ۾ يقين دهاني ناهي ڪرائي، انهي لاءِ اسان هڙتال جو فيصلو برقرار رکيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ گڏجاڻي تائين مطالبن تي لکت ۾ عمل نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جوڙيا بازار، اليڪٽرانڪس، موبائل مارڪيت، فروٽ، سبزي منڊي ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز اڄ بند رهندا. هن ٻڌايو ته آل پاڪستان ريسٽورنٽس ايسوسيئيشن ۽ شهر جي ٽرانسپورٽ تنظيمن به هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن لاهور چيمبر آف ڪامرس طرفان هڙتال جي حمايت ڪئي وئي آهي، واپاري تنظيمن جا سمورا گروپ هڙتال ۾ شريڪ آهن جنهن جي نتيجي ۾ صوبائي راڄڌاني ۾ سموريون مارڪيٽون خاص طور تي اندرون شهر ۾ شاهه عالم مارڪيٽ، اڪبري منڊي، رنگ محل، لاڳاپيل مارڪيٽون، انار ڪلي، مال روڊ، بال روڊ، ميڪلوڊ روڊ، مننگمري، روڊ جي مارڪيٽن ۾ به شٽربند هڙتال آهي. اهڙِ طرح سمن آباد، اچهره، عابد مارڪيٽ، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، گلبرگ مارڪيٽ، ڊفينس جون مارڪيٽون، مغلپور، شالمارلنگ روڊ، داروغه والا، ريلوي روڊ، برانڊ رٿ روڊ، شاهه عالمي، رنگ محل، اعظم ڪلاٿ مارڪيٽ، پاڪستان ڪلاٿ مارڪيٽ، پيپر مارڪيٽ، مصري شاهه لوها، مارڪيٽ، هال روڊ، مال روڊ، بيڊن روڊ، نيلا گنبڊ، فيروز پوره روڊ مارڪيٽ به جزوي مڪمل طور تي بند آهن. واپاري اڳواڻ حاجي مقصود بٽ چيو آهي ته واپاري برادري کي حراسان ڪيو ويو ته هڙتال جاري رهندي. هن چيو ته اڄوڪي هڙتال ڪامياب آهي، واپارين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان سڀ هڪ آهيون، ايف بي آر کي ناجائز اختيار ڏنا پيا وڃن، زبردستي جو ڪوبه قانول قبول نه ڪيو ويندو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ به اڄ ٽيڪس مسئلن، واپارين کي حراسان ڪرڻ ۽ ايف بي آر کي اختيار ڏيڻ خلاف جزوي، مڪمل شٽربند هڙتال جاري آهي. اناج منڊ،ي گل سينٽر، تلڪ چاڙهي روڊ، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، ريشم بازار، قاضي عبدالقيوم روڊ، ڪينٽ بازار مڪمل طور تي بند آهن جڏهن ته ٽاور مارڪيٽ، شاهي بازار، قائد آباد بازار، سخي پير روڊ تي بازار جزوي طور تي کليل آهن. اهڙي طرح پشاور، ڪوئٽه ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڪاروبار مڪمل يا جزوي طور تي بند آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے