نيويارڪ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٿائي پرڏيهي وزير ماريس سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ انهن واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات پاڪستان جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران سائيڊ لائن تي ٿي.
ملاقات ۾، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي بحث ڪيو. انهن ملاقات ۾ پارلياماني تبادلن، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ مثبت پيش رفت تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن فوڊ سيڪيورٽي، دفاع ۽ علائقائي رابطي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه، خطي جي موجوده صورتحال ۽ عالمي منظرنامي تي پڻ تفصيل سان بحث ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language