
اسلام آباد:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)نامياري معاشي ماھر قيصر بنگالي چيو آهي ته معدني وسيلن بابت آئين جو آرٽيڪل 158 واضح طور ڊفائين (تشريح) ٿيل ناھي ۽ نه ئي اهي ڪرڻ چاھينٿا. ٿر جو ڪوئلو مڪمل طور صوبائي ملڪيت آھي، جڏهن ته پيٽروليم توڙي گيس وفاق حوالي آھن، انھن مان صوبن کي ملندڙ پئسا به ھاڻي ليويز جي مد ۾ وٺي ٿا وڃن، سنڌ جي تعليم تباھه آھي، ڪالهه پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي ھن چيو ته جتي به انقلاب آيو آھي، اهو رياست جي اجازت سان ناھي آيو، اسان وٽ اھڙو ڪو ادارو ناھي، جتان اين ايف سي کان وٺي ڪئنالن جي اڏاوت تائين ڪا ڄاڻ ملي سگھي، اين ايف سي جا ڪيترا پئسا آيا، ڪيڏانهن ويا ۽ رزلٽ ڪٿي آھي؟ ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، ھن چيو ته 2010ع ۾ آيل ٻوڏ وقت مون گرائونڊ تي وڃي ڏٺو ته ڪيترو گهڻو پاڻي ھو ؟ ان وقت به بااثر ماڻهن جا گھر ڪونه ٻڏا ھئا، ھن ڀيري مونکي خدشو آھي ته ساڳئي ٻوڏ ايندي، پنجاب ۾ پيل برساتن جو پاڻي اچڻ سان سنڌ ۾ دريائي ٻوڏ ايندي، هن چيو ته سنڌجو سڀني کان وڏو مسئلو زمينن جو آهي، سيڪريٽري کي مٿان کان حڪم اچي ٿو ته هو ميلن تائين زمين ڏئي ڇڏي ٿو، هن چيو ته پنجاب ۾ موٽروي مٿان موٽروي ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ ۾ حيدرآباد سکر موٽر وي لاءِ هر دفعي نئون فارمولو آندو وڃي ٿو، هن چيو ته ڪراچي کان ٻاهر نڪرون ٿا ته صوبي جو حالتون تمام خراب آهن، هن چيو ته غذائيت جي کوٽ سبب هڪ ڪلو جا ٻار پيدا ٿين ٿا، جن جو بچڻ مشڪل هوندو آهي، هتي نه رڳو ٻارن پر مائرن جي غذائيت به پوري نٿي ٿئي، ان ڪري ڪمزور ٻار پيدا ٿين ٿا، هن چيو ته ڇا سنڌ ۾ اهڙو جو ادارو آهي جيڪو انهي تي ڪم ڪري ته ڪئنالن تي ڪم ٿئي پيو يا نه؟ هن چيو ته حيدرآباد ڪراچي وارو روڊ (سپر هاءِ وي) پهرين سنڌ حڪومت جو هو، هاڻ اهو سنڌ جو روڊ نه رهيو آهي، بلوچستان ۾ روڊ ئي ناهن، اتي ڪير سيڙپڪاري ڪندو ؟ ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڪير سيڙپڪاري ۾ دلچسپي نه پيو وٺي، هن چيو ته هن وقت صورتحال اها آهي ته معاشرو ٽٽي پيو، ڪئنالن واري تحريڪ کانپوءِ ماڻهو گهر هليا ويا. سنڌ جي ٻين مسئلن تي تحريڪ اڳتي وڌي منظم نه ٿي سگهي، هن چيو ته سياسي پارٽيون ماڻهن کي متحد ڪن. هن چيو ته سنڌ جي مڊل ڪلاس ترقي ڪئي آهي، سنڌ ۾ تعليم يافته طبقو وڌيو آهي، انهن کي ڪامريد حيدر بخش جتوئي وارن زميني سڌارن _ لينڊ ريفارمز) تي ڳالهائڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language