تل ابيب:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي شهرين غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي واپسي جو مطالبو ڪندي هڪ وڏو مظاهرو ڪيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، يرغمالين جي خاندانن ۽ اسرائيلي شهرين نيتن ياهو حڪومت خلاف احتجاج ڪيو.
رپورٽ موجب، تل ابيب ۾ هزارين مظاهرين آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪيو ۽ اتي احتجاج ڪيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، مظاهرين مطالبو ڪيو ته نيتن ياهو حڪومت فوري طور تي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ حماس سان هڪ معاهدو ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language