نوابشاه:(سومر 21 جولاءِ 2025ع)نوابشاھ پوليس جي ظلمن کان تنگ ٿي نوجوان پنھنجي رڪشي کي باھ ڏئي احتجاجن ساڙي ڇڏيو، دولت ڪالوني ملاح برادري جي نوجوان پورهيت سجاد ملاح ائير پورٽ پوليس جي ناجائزين کان تنگ ٿي ٿاڻي جي سامھون سڪرنڊ روڊ بلاڪ ڪري رڪشي کي باھ ڏئي ساڙي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ھن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن رڪشي جي بيٽري چوري ٿي وئي جنھن تي آئون ائير پورٽ ٿاڻي تي اين سي لکرائڻ لاءِ آيس ته مون سان بدتميزي ڪئي وئي، مون کي گار گند ڪيو جنھن تي آئون پنھنجي رڪشي کي احتجاجن باهه ڏني ساڙي ڇڏيو، ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ھتان جي پوليس ڪرپٽ آھي چورن جي ساٿاري آھي مون مسڪين پورهيت سان انصاف ڪيو وڃي. رڪشي ڊرائيور پورھيت سجاد ملاح ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او خلاف پريس ڪلب نوابشاهه جي ٻاھران احتجاج ڪري نعريبازي ڪري ڌرڻو ھنيو ته ڊي ايس پي سٽي مٿس ڏمرجي پيو ، ڊي ايس پي سٽي پنھجي سرڪاري ويگو گاڏي ۾ زبردستي گرفتار ڪري کڻين ويو
0 تبصرے
Do not use vulgar language