ڪراچي:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)خيبر پختونخواهه ۾ سوشل ميڊيا تي عوامي راءِ بابت گيلپ پاڪستان جو هڪ سروي جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ 80 سيڪڙو شهري سوشل ميڊيا کي سينسر ڪرڻ جي حمايت ڪئي.
سروي موجب، 75 سيڪڙو ماڻهن سوشل ميڊيا کي سماج لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو، ۽ ساڳئي تعداد ۾ ماڻهن چيو ته سوشل ميڊيا جو عام شهرين جي زندگين تي منفي اثر پيو آهي.
ان کان علاوه، 74 سيڪڙو ماڻهن سوشل ميڊيا کي ناقابل اعتبار قرار ڏنو.
گيلپ سروي ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو ته 47 سيڪڙو شهري وفاقي حڪومت جي مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي پابندي لڳائڻ جي فيصلي کي صحيح سمجهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language