نوابشاہ:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)نوابشاهه ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي تي ڇاپي دوران ڊائريڪٽر فنانس قمر الدين شيخ کي گرفتار ڪيو ويو.
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ موجب، نوابشاهه ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي تي ڇاپي دوران ڊائريڪٽر فنانس قمر الدين شيخ کي گرفتار ڪيو ويو.
ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب، ڊائريڪٽر فنانس قمر الدين شيخ سميت 7 جوابدارن خلاف 700 ملين رپين جي غبن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدار اڃا تائين مفرور آهن ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language