مظفرڳڙه:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)علي پور جي ڪچي مان 5 ڌاڙيلن گرفتاري ڏني ۽ 100 ڦريل مال به واپس ڪيو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، مظفر ڳڙهه پوليس ۽ ڪچا ڊڪٽ گينگ جي وچ ۾ مقابلو هڪ هفتي تائين جاري رهيو، جنهن کان پوءِ ڪچا ڊڪٽ گينگ جي پنجن ميمبرن پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا.
ترجمان چيو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن خلاف دهشتگردي ۽ قتل سميت سنگين دفعات تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، ڊي پي او مظفر ڳڙهه هٿ ڪيل 100 ڍور اصل مالڪن جي حوالي ڪيا.
ياد رهي ته 7 جولاءِ تي ڪڇي جي ڌاڙيلن لنگر واهه ڳوٺ مان 200 ڍور ڦري فرار ٿي ويا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language