welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سانگهڙ: تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل ۽ رڪشا کي ٽڪر هڪ ڄڻو فوت، عورتن سميت 4 ڄڻا سخت زخمي

سانگھڙ:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل ۽ رڪشا کي ٽڪر هڪ ڄڻو فوت، عورتن سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ اقبال احمد بڙدي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر بعد رڪشه ۾ ٽڪر جي نتيجي موٽر سوار هڪ ڄڻو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته رڪشي ۾ سوار ٽن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. حادثي جي اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي سانگهڙ سول اسپتال منتقل ڪيو. جتي فوتي جي سڃاڻپ رشيد احمد بڙدي طور ٿي آهي جڏهن ته زخمين جو تلعق بگٽي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. هوڏانهن فوتي جو مڙه سول اسپتال سانگهڙ مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب زخمين مان هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين نوابشاه ريفر ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل ۾ ٽڪرائجڻ بعد رڪشي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي بعد ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے