
اسلام آباد:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)پنجاب ۾ جاري سانوڻي جي برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي گذريل 2 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 70 کان وڌي ويو جڏهن ته گڏيل طور تي فوتين جو انگ 123 تائين پهچي ويو آهي.
صوبائي ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي موجب 25 جون کان هينئر تائين 462 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترا علائقا ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهن. رپورٽ موجب جمعي جي ڏينهن وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. جن ۾ لاهور، چنيوٽ، اوڪاڙه، چڪوال ۽ سرگودها مان فوتگيون رپورٽ ٿيون. چنيوٽ ۽ لاهور ۾ 3-3،. اوڪاڙه ۾ 2، جڏهن ته چڪوال ۽ سرگودها ۾ هڪ هڪ شخص فوت ٿي ويو.
چڪوال، لاڳيتو سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعو آهي جتي تيز برساتن جي نتيجي ۾ زمين ڇتيون ڪرڻ ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه سبب ڪيتريون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته 20 جولاءِ کان صوبي ۾ وڌيڪ تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو، نئين سسٽم سبب کنوڻ سان طوفاني برسات، شهري ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پنجاب سميت خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪيترن ئي ضلعن جي لاءِ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه واري هنڌ تي ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، انهي سان گڏ ئي پي ڊي ايم اي مقامي اختيارين کي فوري طور تي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺهيا ٻڌايو ته پوٽوهار ريجن ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. انهن ۾ راولپنڊي مان 450، جهلم مان 398 ۽ چڪوال مان 209 ماڻهو شامل آهن. موسميات کاتي موجب 19 کان 26 جولاءِ جي دوران سموري ملڪ ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن، خيبرپختونخواهه جي اترين ۽ ڏاکڻي علائقي پنجاب جي ميداني جابلو شهر، بلوچستان جي ڪيترن ئي هنڌن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان انهي طوفاني موسم جي اثر هيٺ هوندا.
سموري ملڪ ۾ ندي نالن ۾ چاڙهه، مقامي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جا خطرا وڌي چڪا آهن. متاثر علائقن جي ضلعي انتظاميه کي هنگامي پلان ترتيب ڏيڻ ۽ مقامي آبادي کي وقت تي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language